1 comments

News Alert

Published on Friday 13 April 2012 in



سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه تي رت جا درياءَ وهائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔ الطاف حسين

لنڊن (م ڊ) متحده قومي موو مينٽ جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ تي رت جا درياءَ وهائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. قومپرستن کي نه روڪيو ويو ته ڳالهه هٿن مان نڪري ويندي. هڪ ويڊيو پيغام ۾ الطاف حسين چيو ته سنڌ ۾ منظم سازش تحت نام نهاد قومپرست سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي جن کي عرف عام ۾ مهاجر چيو ٿو وڃي، انهن خلاف تيز زبان استعمال ڪندي رت جا درياهه وهائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر، سنڌ جو گورنر عشرت العباد، وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ گهرو وزير منظور وساڻ اهڙن عنصرن کي روڪين نه ته ڳالهه هٿن مان نڪري ويندي. الطاف حسين چيو ته هزارين ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ چئي ڇڏيو آهي ته سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهيون پوءِ به مهاجرن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته قومپرست ياد رکن ته هي 21 هين صدي آهي، جنهن نموني جي ڳالهه  
ڪئي ويندي، اهڙي طريقي سان جواب ڏنو ويندو

**پاران سيد عبدالجبار شاھ راشدي**

Spread The Love, Share Our Article

Related Posts

1 Response to News Alert

8 May 2012 at 06:43

Okay