33 هين ورسي جي مناسبت سان33
اهي انسان انتهائي خوش نصيب هوندا آهن جن جو نالو انهن جي زندگي ۾ ته سڃاڻپ بڻجي ويندو آهي پر مري وڃڻ کان پوءِ به پنهنجي قدمن جا نشان تاريخ جي صفحن تي ڇڏي ويندا آهن جنهن تي انسان ته ڇا پر تاريخ به انهن تي ناز ڪندي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن مان هڪ آهي جنهن پنهنجي علم عقل، فهم، سياسي ڏاهپ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪيل ڪارنامن سان دنيا اندر اهڙو ته پنهنجو نالو پيدا ڪيو جيڪو رهندي دنيا تائين قائم رهندو ۽ موت کي شڪست ڏئي پنهنجي بقاء کي برقرار رکيو ۽ عقيدي طور ان کي مڃڻ وارا هاڻي سياسي مرشد چئي رهيا آهن. هونئن به ماهر نفسيات جو چوڻ آهي ته زنده رهڻ ۽ موت کان پوءِ به پنهنجو پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ هر انسان جو خواب به هوندو آهي ته خواهش به ۽ اها خواهش انساني نفصيات ۽ خواهشات جو حصو بڻجي سدائين ان کي تحرڪ ۾ آڻيندي آهي، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو به هڪ ڏينهن قائداعظم جي تصوير کي غور سان ڏسندي فرمايو هو ته انشاء الله مان به هڪ ڏينهن قائداعظم کان وڌيڪ پنهنجو نالو پيدا ڪري اهڙا منفرد ڪاراناما سرانجام ڏيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندس جنهن ڪري منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ به تاريخ مونکي بهترين لفظن سان ياد ڪندي. در اصل فنا ۽ بقاء ڪائنات جا ٻه الڳ الڳ رنگ ۽ ٻئي متضاد پهلو آهن، فنا هر صورت ۾ انسان جو مقدر آهي، انسان ته ڇا پر هر اها ساهه واري شئي جيڪا ڪائنات ۾ وجود رکي ٿي ان کي هر صورت ۾ فنا ٿيڻو آهي جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي ته ”قُلُ نَفسُ ذائقتُ المَوت“ رب ڪائنات سموري نظام جو بنياد ئي فنا تي رکيو آهي پر ان فنا ۾ هڪ پهلو بقاء جو به آهي پوءِ اها بقاء ٿوري عرصي لاءِ هجي يا گهڻي عرصي لاءِ پر بحرحال پوءِ به ان کي آخر هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو هوندو آهي، انسان جيڪڏهن غور ڪري ڏسي ته يقينن ان نتيجي تي پهچندو ته جنهن ڏينهن فنا ۽ بقاء هوندي اهوئي ڏينهن يوم حساب جو هوندو ۽ يوم حساب تائين فنا ۽ بقاء جو سلسلو جاري رهندو. هي به هڪ دلچسپ ۽ قابل غور راز آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ ڪائنات جي هر شئي جو مقدر فنا تي رکيو آهي ۽ انسان کي شعور جي اک کولڻ سان ئي ان کي معلوم ٿي ويندو آهي ته ان کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ هي زندگي ان لاءِ هر حال ۾ فاني آهي پر ان جي باوجود انسان جي فطرت ۾ زندهه رهڻ جو هڪ جزبو هڪئي وقت شمع بڻجي روشن ٿي رهي ٿو بلڪه ائين کڻي چئجي ته انسان کي اهو جذبو متحرڪ رکي ٿو ۽ اهو جذبو آهي بقا ۾ رهڻ جو يعني ڪائنات جي خالق انسان ۾ هڪئي وقت خير ۽ شر سان گڏوگڏ بقاء جي خواهش به رکي ڇڏي آهي. انسان ذات جي اولين ترجيح اها هوندي آهي ته هو هر حال ۾ فنا کي شڪست ڏئي پر انسان ڪڏهن به فنا کي شڪست نه ڏئي سگهندو آهي ڇو ته اهو ربي امر هوندو آهي ته جيڪو ڄائو آهي سو مري ضرور، تنهن ڪري انسان پنهنجي بقاء جي ذريعي موت کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو يا سادن لفظن ۾ ان ڳالهه کي ائين کڻي بيان ڪجي ته انسان اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته هن کي هڪ ڏينهن هن دنيا مان رخصت ٿيڻو آهي پر تنهن هوندي به هن جي آخري ڏينهن تائين اها ڪوشش هوندي آهي ته جيترو ٿي سگهي وڌيڪ زندهه رهي سگهي پر جي نه ته مري وڃڻ کان پوءِ به ان جي دل ۾ زندهه رهڻ جي خواهش هوندي آهي تنهن ڪري هو مختلف تدبيرون تيار ڪندو رهندو آهي. انسان ذات جي اها ئي خواهش ۽ تدبير انسان کان اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏياريندي آهي جيڪي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ به ماڻهن جي دلين ۽ تاريخ جي صفحن تي زندهه رکن ٿا، تنهن ڪري انسان مرڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ۾ ڏينهن رات مصروف عمل رهي ٿو، غائب ٿيڻ کان پوءِ به حاضر رهڻ چاهي ٿو ۽ ان جو ذڪر يا ڪارنامن جو ذڪر زنده انسانن کي مختلف شڪلين ۾ گرمائيندو رهي ٿو، اهي ماڻهو ان جي يادن ۾ گلاب جو عرق بڻجي خوشبو ڦيلائيندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن نشان منزل يا مڪمل طور اهو انسان منزل به بڻجي ويندو آهي جيڪا منزل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم جي بهترين خدمتن عيوض حاصل ڪري ورتي. اسين جڏهن انسان ذات جي زندگي تي غور و فڪر ڪيون ٿا ته اسان کي دنيا جون عظيم ايجادون، تخليقون، انسانيت جي عظيم خدمت، قومن جا مقدر، حيات زندگي، عبادتون ۽ سخاوتون ۽ انساني زندگي جي حيران ڪندڙ ڪرامتن جي پردي پويان سڀ کان وڌيڪ بقاء ۾ رهڻ جو جذبو نظر اچي ٿو جنهن کي رب ڪائنات پنهنجي قدرت سان پيدا ڪرڻ وقت انسان جي فطرت ۾ ڪٽي ڪٽي ڀري ڇڏيو آهي، گويا جيڪي ماڻهو ان جزبي يا انساني فطرت کي دٻائي ان جي برعڪس هڪ عام سطح جي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيندا آهن اهي اشرف المخلوقات هئڻ جي باوجود به اشرف ناهن هوندا ڇوته اشرف المخلوقات جي فطرت آهي فنا کي شڪست ڏيڻ ۽ اها شڪست صرف بقاء جي ذريعي ئي ڏئي سگهجي ٿي. هاڻي ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو به پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏئي ويو آهي جنهن کان موت به شڪست کائي ويو ۽ فنا کي شڪست ڏيندي بقاء واري زندگي طرف روانو ٿي ويو جنهن کي اڄ ڪروڙين انسان عزت ۽ احترام سان ياد ڪري رهيا آهن ۽ هو ڪروڙين عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. 

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته بقاء انساني جبلت جو جزو آهي پر بذات خود ان بقاء جا به ٻه پهلو هوندا آهن هڪ دنوي ۽ ٻيو روحاني، دنوي بقاء جي تحريڪ سائنسي ايجادون، ذهني ادبي ۽ غير ادبي تخليقون انساني خدمتن جي صورت ۾ ظاهر ٿينديون آهن ۽ هر تخليق ان جي شعور ۾ سرگرم نظر ايندي آهي جڏهن ته روحاني بقاء صرف رضا الاهي جي حصول جي خواهش کي جنم ڏئي ٿي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته رضا الاهي جي حق ادا ڪرڻ جا ٻه نظريا بيان ٿيل آهن هڪ حقوق الله ۽ ٻيو حقوق العباد يعني عابدن جا حق جنهن ۾ انسان ذات جي خدمت کي عين عبادت سمجهيو ويندو آهي. جنهن خلق خدا جي خدمت ڪئي گويا ان رب پاڪ کي ريجهايو، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو به ملڪ ۽ قوم جي شاندار خدمت ڪندي حقوق العباد جو صحيح حق ادا ڪيو آهي جنهن کي ڪير به جهٽلائي نٿو سگهي. 

آءُ اهو به چئي رهيو آهيان ته فنا ۽ بقاء وارا ٻئي پهلو الله پاڪ پنهنجي قدرت سان انساني فطرت ۾ ڪُٽي ڪُٽي ڀري ڇڏيا آهن ۽ اهي ٻئي تحريڪون پيدائش کان وٺي موت تائين انساني زندگي جو پيڇو ڪندي سرگرم ۽ متحرڪ رهن ٿيون. دنياوي بقاء جي حوالي سان وڏا وڏا سائنسدان بلب جي ايجاد کان وٺي ايٽم بم جي ٺاهڻ تائين، مليريائي بخار ۽ تپ دڪ کان وٺي ڪينسرجي علاج جي تحقيق تائين يا وڏا وڏا شاعر اديب، فلاسافر، عالمي سياسي رهنما قومن جي تقدير بدلائڻ وارا انسان کي هيٺان کان کڻي مٿي بلندين تائين پهچائڻ وارا پنهنجي الڳ الڳ شعبن ۾ خدمتن عيوض به تاريخ ۾زنده رهندا آهن جيڪي سدائين جي لاءِ انساني حافظي ۾ به زنده رهڻ جي خواهش رکندا آهن ۽ وڏن وڏن انعامن سان فيضياب ٿي چڪا هوندا آهن انهن جو نالو انهن جا ڪارناما انهن جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن، انهن ۾ ڪجهه ضرب مثل ته ڪجهه پاڻ مثال بڻجي ويندا آهن، اهڙي قسم جا انسان جڏهن زندهه هوندا آهن ته ماڻهو انهن مٿان گل نڇاور ڪندا آهن ۽ انهن کي اعزازات بخشيا ويندا آهن لکڻ وارا انهن لاءِ قصيده لکندا آهن پر جڏهن اهي انسان مري يا ماريا ويندا آهن ته اهي تاريخ جو حصو بڻجي باقي رهندڙ انسانن جي دلين تي نقش چٽي ويندا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به اهڙن انسانن مان هڪ هو جيڪو پنهنجي ڪيل ڪارنامن سبب الڳ شناخت رکي ٿو ۽ ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ اڄ به آباد آهي. ضياءُ الحق ان کي مارڻ چاهيو پر هو مري نه سگهيو، قرآن ٿو فرمائي ته شهيد زندهه هوندا آهن انهن کي ڪڏهن به مرده نه چئو صرف زندهه انسانن جي اکين کان اوجهل ٿي ويندا آهن جن کي عام انسان جي اک نٿي ڏسي سگهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو موت کي گلي لڳائي اهو ثابت ڪيو ته وقت جي يزيد پاران ڏنل موت جي سزا هن کي فنا نه ڪري سگهي. ضياءُ الحق ۽ ان جي حوارين اهو سمجهيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي موت ڏيڻ سان ان جو نالو ۽ ان جو سياسي ڪيريئر سدائين لاءِ ختم ٿي ويندو پر ضياء الحق ۽ ان جي حوارين جا پنهنجا نصيب کوٽا نڪتا جو هو پاڻ هميشه لاءِ فنا ٿي ويا جن جو ڪير به هاڻي عزت سان نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ضياءُ الحق سنڌ جي هڪ رهنما کي چيو هو ته قبر هڪڙي آهي ۽ ڄڻا ٻه آهيون جن مان قبر ۾ هڪ ئي کي وڃڻو آهي، تنهن ڪري مان ضياءُالحق زندهه رهڻ چاهيان ٿو ڇو ته هن وقت حڪومت جي طاقت ان وٽ ئي آهي جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو قيد ۾ آهي تنهن ڪري موت ان جو مقدر بڻجي چڪو آهي ۽ قبر ان لاءِ تيار آهي. هاڻي خدا جي قدرت ڏسو ته جيڪو ماڻهو زندهه رهڻ پئي چاهيو ان کي اهڙو ته ڀيانڪ موت اچي ويو جو ان جي جسم جي هڪ هڏي به هٿ ڪان آئي ۽ اهڙي ته موت ان کي شڪست ڏني جو هن ملڪ جي ڌرتي به ان جي جسم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه رهي تنهن ڪري ان جي خاڪي جسم کي مٿي ئي خاڪ ٿيڻو پيو ۽ ان جي خاڪي جسم کي خاڪ به نصيب ڪان ٿي جنهن جو هاڻي ڪير به نالو عزت سان وٺڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي هر انسان جي دل ۾ زندهه آهي جيڪا ان جي بقاء واري زندگي جو بي مثال ثبوت آهي جيئي ڀٽو ان جي نالي ۽ نعري جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. تاريخ شاهد آهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ڪال ڪوٺڙي ۾ رهندي جسماني طور انتهائي ڪمزور ٿي چڪو هو پر تنهن هوندي به وقت جي يزيد اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو، جڏهن هن کي ڦاسي گهاٽ طرف آندو پئي ويو ته ان کي اسٽريچرتي کڻي ڦاسي گهاٽ تائين پهچايو ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو موت کي پنهنجي اکين سان تمام گهڻو ويجهو ڏٺو پر موت ان کي ڊيڄاري نه سگهيو ڦاسي گهاٽ تي چڙهڻ کان اڳ ڪابه دانهن يا رڙ نه ڪئي بلڪه گلي ۾ پوندڙ رسي کي چمي ڏئي مسڪرائيندو موت کي شڪست ڏئي بقاء جي زندگي طرف روانو ٿي ويو. اڄ هو جنت السنڌ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي آبائي قبرستان ۾ آرامي آهي جنهن جي هڪ پاسي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ته ٻئي پاسي ان جي وني مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آرامي آهن. اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 33 هين ورسي آهي جتي لکين عقيدت مند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندا ۽ سندن مٿان عقيدت جا گل نڇاور ڪندا، اهڙي طرح تاريخ اهو ثابت ڪيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وقت جي يزيد هٿان مري ته ڪون سگهيو پر فنا کي شڪست ڏئي بقاء کي برقرار رکندي فاتح بڻجي ويو جنهن لاءِ خلق خدا اڄ به اهو نعرو بلندي ڪندي رهي ٿي ته جب تڪ سورج چاند رهيگا ڀٽو تيرا نام رهيگا.